حبيب الله ڏيپلائيِ

حبيب الله ڏيپلائيِ: مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو والد حبيب الله ولد محمد الياس ڏيپلائي، 1875ع ڌاري ڏيپلي (ٿرپارڪر) ۾ پيدا ٿيو. هن ڇهه درجا پاس ڪيا ۽ ننڍي پئماني جو واپار شروع ڪيو، گڏو گڏ ان دؤر جا ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو مشغلو به جاري رکيائين. مطالعي جي شوق ۾ مشهور قصو ’فساد عجب‘ سمورو هٿن سان نقل ڪيائين. پنهنجي فرزند محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين کي عام فهم ۽ دلچسپ انداز سان پيش ڪرڻ لاءِ سندس رهنمائي ڪندو رهيو. عثمان ڏيپلائي جڏهن به ڪا نئين تحرير لکندو هو ته پهريان والد کي ڏيکاريندو هو، جيڪو کيس عبارت ۾ موجود ڏکين لفظن کي عام سادن لفظن ۾ لکڻ جي ترغيب ڏيندو هو. حبيب الله ڏيپلائيءَ جي شريڪ حيات جو نالو ’تاج ٻائي‘ هو. کيس ستن نياڻين ۽ ٻن فرزندن جو اولاد ٿيو. محمد عثمان ننڍو هو، سندس وڏو ڀاءُ هارون، ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويو.
حبيب الله ڏيپلائي 1950ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو